استاد يوسف کٽي

استاد يوسف کٽي: استاد يوسف کٽي سنڌ جو باشندو هو ۽ حيدرآباد ۾ ڄائو نپنو هو. استاد الهڏني نوناريءَ وانگر هي به خانداني موسيقار نه بلڪه شوقيه ڳائڻو هو ۽ سنڌ جي علائقائي موسيقي توڙي ڌرپدي ڪلاسيڪي گائڪيءَ ۾ مهارت رکندڙ هو ۽ ڏاڍو نالو ڪڍيائين. سندس شاگردن ۾ بسنت زوار ڏاڍو مشهور ۽ شرناءِ جو ماهر فنڪار ٿي گذريو آهي. استاد يوسف 1930ڌاري حيدرآباد شهر ۾ وفات ڪئي ۽ اتي دفن ٿيو.


لفظ استاد يوسف کٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.00.00  عيسوي

استاد يوسف 1930ڌاري حيدرآباد شهر ۾ وفات ڪئي ۽ اتي دفن ٿيو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڦوٽو زرداري
شبير شاهاڻي
صنم مارئي
بدرو ملتاني
سرور سخيراڻي
اَلطاف حسين سمون
استاد لعل خان گُڪو
بالي اقبال
پنهور عبدالله
فيروز علي آناڻي ڏگو
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون